- Advertisement -
نوابشاهه ۾ ايڇ آءِ وي پکڙجڻ جون سنڌ ٽي وي نيوز تي خبرون نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي جي نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن.
نوابشاهه پوليس سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن نوابشاهه جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
صحت جي صوبائي وزير سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن نوابشاهه جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد خلاف محڪماڻي ڪاروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو .
سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن نوابشاهه جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد ڪجھ ڏينھن اڳ گرفتار ٿيل عطائي ڊاڪٽرن کي آزاد ڪرايو ھو.
بااثر ڌريون سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن نوابشاهه جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويون.
پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن نوابشاهه جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد پوليس جي حراست ۾ آھي باقي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم نه مليو آھي.- Advertisement -
