نوابشاهه ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ وڌي ٽي ٿي ويو.
رات دير سان رضوان ڀٽي ۽ اسلم ڀٽي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاه ۾ زخمن جي جي سٽ نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
گذريل رات هٿياربندن مريم روڊ تي ٿانون جي دڪان تي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي چوڪيدار شفيق خواجا کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسلم ڀٽي ۽ رضوان ڀٽي کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو ٻنهي زخمين رات دير سان دم ڏيئي ڇڏيو.
شهرين ڊي آءِ جي ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن بحال ڪرائي ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث هٿياربندن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي……