نوابشاهه ۾ هٿياربندن هٿان زخمي نوجوان سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاج ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن گوليون هڻي نوجوان علي حيدر ڀٽي کي زخمي ڪيو هو.
نوجوان علي حيدر ڀٽي زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو