تازه ترين

نواب ولي محمد ۾ هير باگڙي جي وارثن وٽ خون بخش ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
نواب ولي محمد  واسڻ بيدردي سان قتل ڪيل نياڻي هير باگڙي جي وارثن وٽ قاتل هري اوم جا وارث ۽ باگڙي برادري جا چڱا ڏوهه بخشائڻ لاءِ پهتا، وارثن ميڙ کي مانُ ڏيندي نينگريءَ جو قتل بخش ڪري ڇڏيو. معصوم نياڻي هير باگڙي جي وارثن وٽ قاتل هري اوم باگڙي جا وارث باگڙي برادري جا چڱا ساڻ ڪري ڏوھ تسليم ڪندي بخشائڻ لاءِ نواب ولي محمد هير باگڙي جي وارثن وٽ تڏي تي پهچي معافي گهري ورتي. قاتل جو والد سونو باگڙي، چاچو راجو باگڙي، سيو رام باگڙي، انجو باگڙي، ڪرشن باگڙي، امير ڪمار باگڙي ۽ ويرداس باگڙي مقتول نينگريءَ جي تڏي تي پهتا. باگڙي برادري جي ميڙ مقتول هير باگڙي جي امڙ مهاديوي باگڙي ۽ والد امر لال باگڙي کي ڏوهه بخش ڪرڻ جي اپيل ڪئي. مقتول نينگري جي وارثن ميڙ کي مانُ ڏيندي کين معاف ڪري ڇڏيو. ان موقعي هير جي والد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار جهنم وصل ٿي ويو آهي سندس وارث باگڙي برادري جا چڱا وٺي تڏي تي ڏوهه بخشرائڻ آيا اسان سان انصاف ٿي ويو، هنن جي تڏي تي هلي اچڻ تي کين معاف ڪريون ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون