تازه ترين

نواب ولي محمد: 6 ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ ريلي

نواب ولي محمد ۾ زميني تڪرار دوران مارجي ويل پوليس انسپيڪٽر سميت 6 ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي مظاهرو ڪيو ويو.حاجن ڀنڊ، خميسو خان ڀنڊ، معصوم ڀنڊ، ميرل ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل هاءِ وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.احتجاج ۾ جي ڊبليو سي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جسقم، ايس ٽي پي ۽ پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته انسپيڪر عبدالحميد، ڀنڊ برادري جي اياز، معشوق علي، صابن ۽ اڪمل سميت 6 ڄڻن جا قاتل 18 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.هنن چيو ته بااثر ماڻهو وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ۽ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ، آرمي چيف ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پوليس انسپيڪٽر سميت 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
11 %
2.1kmh
8 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون