تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نواب ولي محمد: 6 ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ ريلي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نواب ولي محمد ۾ زميني تڪرار دوران مارجي ويل پوليس انسپيڪٽر سميت 6 ڄڻن جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي ريلي مظاهرو ڪيو ويو.حاجن ڀنڊ، خميسو خان ڀنڊ، معصوم ڀنڊ، ميرل ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل هاءِ وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.احتجاج ۾ جي ڊبليو سي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جسقم، ايس ٽي پي ۽ پي ٽي آءِ سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته انسپيڪر عبدالحميد، ڀنڊ برادري جي اياز، معشوق علي، صابن ۽ اڪمل سميت 6 ڄڻن جا قاتل 18 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.هنن چيو ته بااثر ماڻهو وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ۽ سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي.احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ، آرمي چيف ۽ نگران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پوليس انسپيڪٽر سميت 6 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
55 %
4.7kmh
100 %
ڇنڇر
23 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
27 °

تازه ترين خبرون