تازه ترين

نوازشريف آڪٽوبر ۾ ڏيهه واپس اچي ويندو: شهباز شريف

مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف آڪٽوبر ۾ ڏيهه واپس اچي ويو، نواز شريف آڪٽوبر مهيني دوران ڏيهه واپس اچي ويندو،  اڳوڻي وزيراعظم کي سازش ذريعي پاناما ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو، هڪ بئنچ پاناما کان  اقاما جو فيصلو ڪيو، نواز شريف ڏيهه واپس اچي ملڪي قانون کي منهن ڏيندو.

لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز سان جيل ۾ ڪيل ورتاءَ جو ڪنهن نوٽيس ڇو نه ورتو؟

هن چيو ته نوازشريف نياڻيءَ سان گڏ ڏيهه واپس آيو ته سڌو جيل موڪليو ويو، اڊيالا جيل ۾ نوازشريف ۽ سندس نياڻيءَ کي پهرين رات زمين تي سمهاريو  ويو، چار سئو پاڪستانين جا نالا پاناما ۾ هئا، ٻيو ڪنهن کان پڇو نه ٿيو.

شهبازشريف چيو ته نوازشريف کي پاناما ۾ بي بنياد طور سازش ۾ ملوث ڪيو ويو، پاناما ۾ پري پري تائين نوازشريف جو نالو ئي نه هو.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ٻٽي  معيار انصاف جي نظام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نوازشريف ڏيهه واپس اچي قانون کي منهن ڏيندو.

هن چيو ته احتساب وقت جي ضرورت آهي، بنا فرق احتساب ٿيڻ گهرجي. شهبازشريف چيو ته آڪٽوبر ۾ ميان نوازشريف ڏيهه واپس اچي ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
55 %
0.6kmh
20 %
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
35 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون