تازه ترين

نوازشريف جي وطن واپسي جو تياريون آخري مرحلي ۾ داخل

مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن.

مسلم ليگ (ن) سنڌ طرفان ڪاروان سنڌ جي نالي سان ٻه ٽرينون سڀاڻي لاهور لاءِ رواني ٿينديون.

ن ليگ ڪارڪنن سان گڏ سڀاڻي اسپيشل ٽرين سٽي اسٽيشن ڪراچي کان لاهور ويندي.

حيدرآباد ۽ ٻين علائقن مان ڪارڪن ٻي ٽرين ۾ سوار ٿيندا.

ٻئي ٽرينون خاص طور تي سينگاريون ويون آهن.

ٻنهي ٽرينن تي ڀليڪار جا پينافليڪس لڳايا ويا.

نواز شريف جي آجيان لاءِ سنڌي ۽ اردو ۾ به نعرا لکيا ويا.

چلو چلو مينار پاڪستان چلو ۽ نواز شريف ايندو ملڪ کي ٻيهر خوشحال بڻائيندو جا نعرن جا پينافليڪس لڳايا ويا آهن.

مسلم ليگ ن جي استقباليه ڪميٽي اڄ پريس ڪانفرنس ڪري ٽرينن جو شيڊول جاري ڪندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
111,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
23 %
2.3kmh
0 %
سُومر
32 °
اڱارو
34 °
اربع
34 °
خميس
37 °
جمعو
37 °

تازه ترين خبرون