تازه ترين

نوازشريف سرخرو ۽ مخالفن جا منهن ڪارا ٿيا آهن، صلاح مشورا ٿي رهيا آهن ته ڪيئن پي ٽي آءِ بانيءَ کي ضمانت ڏني وڃي: وزيراعظم شهبازشريف

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته نوازشريف سرخرو ۽ مخالفن جا منهن ڪارا ٿيا آهن، صلاح مشورا ٿي رهيا آهن ته ڪيئن پي ٽي آءِ بانيءَ کي ضمانت ڏني وڃي، هو عدليا کي چوي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ترقي واپس نه آئي ته نه جج نه ڪو ٻيو هوندو، ججن جي اڪثريت پاڪستاني سوچ رکي ٿي، فوجي آفيسرن جي خاندانن کي بدنام ڪندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

لاهور ۾ ن ليگ جي صدر ڪائونسل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته جيڪا امانت کيس ڏني وئي هئي، اها اڄ نوازشريف کي واپس ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ٻيهر اهو ئي پاڪستان ٺاهيو ويندو، جيڪو 2017ع ۾ نوازشر يف ڇڏيو هو،  ملڪ کي پي ٽي آءِ بانيءَ جي سازش کان بچايو ويندو.

شهبازشريف چيو ته 2018ع ۾ نوازشريف کٽيل هو پر کيس هارائي پي ٽي آءِ بانيءَ کي کٽرايو ويو، 190 ملين پائونڊ نوازشريف نه پر پي ٽي آءِ بانيءَ چورايا هئا.

وزيراعظم چيو ته اڄ نوازشريف سرخرو ٿيو ۽ مخالفن جا منهن ڪارا ٿيا آهن.

شهبازشريف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جو مڪروهه چهرو دنيا آڏو اچي ويو آهي، هو فوج ۽ ملڪ خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته هو پي ٽي آءِ بانيءَ جي ذاتي معاملن بابت ڪجهه نه چوندو پر فوجي آفيسر جي خاندانن کي بدنام ڪندڙن کي قوم ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

وزيراعظم چيو ته صلاح مشورا ٿي رهيا آهن ته ڪيئن پي ٽي آءِ بانيءَ کي ضمانت ڏني وڃي، پي ٽي آءِ بانيءَ کي جيل کان ٻاهر آڻڻ واريون سازشون ناڪام ٿينديون، پي ٽي آءِ باني پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪري رهيو آهي.

شهبازشريف چيو ته ججن جي اڪثريت پاڪستاني سوچ رکي ٿي ۽ اهي پاڪستان جي ترقي چاهن ٿا، هو عدليا کي چوي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ ترقي واپس نه آئي ته نه جج نه ڪو ٻيو هوندو.

وزيراعظم چيو ته نوازشريف کي ن ليگ جي صدارت ٻيهر ملڪ عوام جي خدمت جو نتيجو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون