نوازشريف نه پر پاڪستان جي خوشحاليءَ جو دور واپس اچي رهيو آهن: مريم نواز

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف نه پر پاڪستان جي خوشحاليءَ جو دور واپس اچي رهيو آهن، نوازشريف کي مائنس ڪرڻ وارا پاڻ مائنس ٿي ويا، کيس مائنس ڪندي ڪندي ملڪي ترقي مائنس ٿي وئي.

ڪي پي ۾ پارٽي ونگز جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نوازشريف جو  پيغام پاڪستان جي ترقي ۽ مهانگائي کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي.

هن چيو ته نوازشريف بهادري ۽ ثابت قدمي سان سياسي انتقام جو مقابلو ڪيو ۽ سرخرو ٿيو.

مريم نواز چيو ته نوازشريف عوام کي مهانگائي کان بچايو هو، کيس ان خدمت جي سزا ملي.

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته نوازشريف خلاف سازش جي نتيجي ۾ عوام کي مهانگائي ملي، سازشي نه ٿا چاهن ته پاڪستان معاشي طور مضبوط ٿئي.

مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر جو اعلان آهي ته عوام جي تڪليف ختم ٿيڻ واري آهي، غريب جي ڏک جو احساسن ڪندڙ نوازشريف واپس اچي رهيو آهي.

هن چيو ته نوازشريف کي ڏنل ترقيءَ جو سفر جاري رهي ها ته پاڪستان اڄ بحرانن جو شڪار نه ٿئيي ها.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
14 ° C
14 °
14 °
20%
1.5m/s
0%
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون