تازه ترين

نواز شريف  جي صدارت ۾ پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس

- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي قيادت کي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت بيان بازي ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ ۽ معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قرباني حب الوطني جو ثبوت آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ نواز شريف  جي صدارت ۾ پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، اسپيڪر اياز صادق، خواجا سعد رفيق، حمزه شهباز، راڻا ثناءُالله ۽ سلمان شهباز شريڪ ٿيو. وفاقي وزير احسن اقبال، عطا تارڙ، اويس لغاري، خواجا آصف، علي پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، مريم اورنگزيب سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري بعد پيدا ٿيل صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري بعد حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي آيل دٻاءُ تي به غور ٿيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پارٽي قيادت کي اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ بابت بيان بازي ۾ احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪومت توڙي اسٽيبلشمينٽ سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس دوران ججن جي ملازمت وارو مدو وڌائڻ جي حوالي سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي آئيني ۽ قانوني ٽيم جي رپورٽ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. نواز شريف جو چوڻ هو ته بجليءَ جا مهانگا بل عوام لاءِ برداشت نه ڪرڻ جوڳا آهن،  سندن صلاحيتن جو امتحان آهي ته عوام کي رليف ڪيئن ڏيڻو آهي. هن چيو ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ، معاشي استحڪام واپس آڻڻ لاءِ سياسي قرباني حب الوطني جو ثبوت آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ مضبوط معاشي ايجنڊا تيار ڪئي وئي آهي،  ٻه سئو يونٽن تائين پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ بجلي واهپيدارن کي ٽن مهينن لاءِ رليف ڏنو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
29 %
1.3kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
32 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون