- Advertisement -
سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏيڻ بابت اڳ آيل عدالتي جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو.
جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس امجد علي ٻوھيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو.
تفصيلي فيصلي ۾ 16 آڪٽوبر 2023 تي ھاءِ ڪورٽ پاران ڪارونجھر کي ”تاريخي ورثو“ قرار ڏيارڻ واري فيصلي کي برقرار رکيو ويو.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته کارسر ڪارونجھر جو ئي حصو آھي، ان کي ڪٽي نٿو سگھجي.
تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏھن سپريم ڪورٽ ڪارونجھر بابت ڪو اسٽي جاري ناھي ڪيو تھ پوءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو فيصلو برقرار آھي ۽ ڪارونجھر جي سموري رينج کي تاريخي ورثو قرار ڏئي نوٽيفڪيشن عدالت ۾ ٻن ھفتن اندر جمع ڪرايو وڃي.
برقرار رکيل فيصلي ۾ اھو پڻ حڪم ڏنل آھي تھ مائنز ۽ منرل کاتو ڪارونجھر ۾ ڪا بھ کوٽائي نٿو ڪري سگھي، سواءِ تاريخي آثارن جي دريافت لاءِ ٿيندڙ کوٽائي به عالمي اصولن موجب ٿيڻ گھرجي.
برقرار رکيل فيصلي ۾ اھو پڻ حڪم ڏنل آھي تھ ٻيلو کاتو ۽ جھنگلي جيوت کاتو ڪارونجھر اندر وڻڪاري ڪري ۽ جبل اندر رھندڙ پکين، جانورن ۽ ٻين جاندارن جي بچاءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي.
فيصلي ۾ چيو ويو تھ ڊي سي ٿرپارڪر ۽ لاڳاپيل حد جو ايس ايڇ او ان ڳالھه جا ذميوار آھن تھ اھي ڪارونجھر جبل اندر کوٽائي يا ٻي ڪنھن بھ ڪمرشل ايڪٽوٽي کي ٿيڻ نھ ڏيندا ۽ گڏوگڏ جين مندرن سميت ٻين تاريخي ورثن کي اصل شڪل ۾ بحال ڪندا.- Advertisement -
