نوري آباد ۾ فيڪٽري ۾ 18ورهين جو نوجوان پورهيت مشين ۾ اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
انڊسٽريز زون ۾ 18ورهين نوجوان پورهيت عرفان ميتلو فيڪٽري اندر ڊيوٽي دوران مشين ۾ اچي فوت ٿي ويو.
نوجوان پورهيت عرفان ميتلو ايشيا بورڊ فيڪٽري ۾ ھيلپر طور ڪم ڪندو ھو، مشين جي ريپئر جي ڪم دوران وچڙي فوت ٿي ويو.
ذريعن موجب، بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي نوجوان پورهيت جو لاش اباڻي ڳوٺ راڄو خاناڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو