نوشهري فيروز ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين پير قربان علي احتجاجي طور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته چيئرمين هوندي سندس ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ذاتي مصروفيتن ۽ آفيسرن جي اڍنگي رويي سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.
نوشهري فيروز ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين پير قربان علي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
پير قربان علي چيو ته چيئرمين هوندي سندس ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، ٻه ٽرانزيڪشن آفيسر آيا سندس ڪنهن نه ٻڌي ٻئي آفيسر لکين رپيا ڪڍرائي ويا، پيسا نه هئڻ سبب شهر ۾ ڪم نٿو ٿئي.
پير قربان علي چيو ته هو ذاتي مصروفيتن ۽ آفيسرن جي اڍنگي رويي سبب عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، چيئرمين جي عهدي تي گڏو ڪري ويهاريو ويو هو.
فيروز ميونسپل ڪميٽيءَ جي چيئرمين پير قربان علي پنهنجي استعيفيٰ ايڊيشنل سيڪريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏي.
استعيفيٰ جي ڪاپي صوبائي اليڪشن ڪميشن ۽ ريجنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ شهيد بينظير آباد سميت ٻين ڏانهن موڪلي وئي.