تازه ترين

نو مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي  آهي، ڇا ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟:سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي فوجي ٽرائل بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته نو مئي تي ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي  آهي، ڇا ڪنهن فوجي آفيسر جو ٽرائل ٿيو؟ موجوده ڪيس ۾ ڇا ڪنهن تي فوج کي ڪم کان روڪڻ تي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي؟  آرمي ايڪٽ تحت ڏوهه تڏهن ٿيندو جڏهن ڪو  اهلڪار شڪايت ڪري يا پاڻ ملوث هجي، ڇا فوج جي قافلي تي حملو ڪرڻ به ڊسپلين خراب ڪرڻ هوندو، ڇا ڪنهن فوجي جي چيڪ پوسٽ تي تڪرار ٿي ته  ڇا ڊسپلين خراب ڪرڻ هوندو.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ست رڪني آئيني بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران دليل ڏيندي بچاءَ واري وزارت جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ڪنهن فوجي کي ڪم کان روڪڻ تي ڀڙڪائڻ جو ٽرائل  آرمي ايڪٽ تحت ٿيندو،  سپريم ڪورٽ ماضي ۾ قرار ڏئي چڪي  آهي ته رٽائرڊ اهلڪار سويلينز هوندا آهن.

جسٽس جمال الدين مندوخيل چيو ته توهان جو سمورو دارو مدار ايف بي علي ڪيس تي آهي، ايف بي علي ڪيس ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس فوجي آفيسر ٻئي ملوث هئا، موجوده ڪيس ۾ ڪنهن تي فوج  کي ڪم کان روڪڻ تي ڀڙڪائڻ جو الزام آهي؟  آرمي ايڪٽ تحت ته ڏوهه تڏهن ٿيندو جڏهن ڪو اهلڪار شڪايت ڪري يا ملوث هجي.

خواجه حارث چيو ته فوج جو ڊسپلين جيڪو به خراب ڪندو اهو فوجي عدالت ۾ ويندو.

جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ڇا فوج جي قافلي تي حملو ڪرڻ به ڊسپلين خراب ڪرڻ هوندو، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ڪنهن فوجي جو چيڪ پوسٽ تي سويلين سان تڪرار ٿي پوي ته ڇا هو به ڊسپلين خراب ڪندو.

جسٽس جمال مندوخيل خواجه حارث سان ڳالهائيندي چيو ته آرمي ايڪٽ جو دائرو جيترو توهان وسيع ڪري رهيا آهيو اوترو ته ڪير به ڪري سگهي ٿو.

جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ان رخ کي نظر ۾ رکو ته ايف بي علي ڪيس مارشل لا جو دور آهي، ذوالفقار علي ڀٽو تنهن وقت سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هو، کيس هٽائڻ جي ڪوشش ۾ ايف بي علي ڪيس ٺهيو، آئين ٺهڻ کانپوءِ مارشل لا ختم ٿي وئي.

بچاءَ واري وزارت  جي وڪيل چيو ته ڳالهه درست آهي پر عدالتي فيصلي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو ذڪر موجود ناهي، ايف بي علي ڪيس ۾ رٽائرڊ ماڻهن  جو ٽرائل ڪيو ويو.

جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته ڪنٽونمينٽ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سپاهي جو سويلين سان سان اختلاف ٿي وڃي ته ڪيس ڪٿي هلندو خواجه حارث جواب ڏيندي چيو ته اختلاف الڳ ڳالهه آهي.

جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏيندي چيو ته ملٽري ٽرائل معاملي کي تمام گهڻو وسيع ڪيو پيو وڃي.

خواجه حارث چيو ته امن دوران به فوجي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ تي سويلينز جو ٽرائل فوجي ڪورٽ ۾ ئي هلندو.

جسٽس اظهر رضوي چيو ته آخرڪو ماسٽر مائينڊ به هوندو سازش ڪنهن ڪئي.

بچاءَ واري وزارت چيو ته سازش ڪندڙ  يا ماسٽر مائينڊ جو ٽرائل به فوجي عدالت ۾ ئي ٿيندو، سويلين جو ٽرائلز اوچتو نه ٿي رهيو آهي، 1967 کان قانون موجود آهي.

جسٽس حسن اظهر چيو ته ماڻهن جو ڪور ڪمانڊر هائوس وڃڻ سڪيورٽي جي ناڪامي آهي، ڇا نو مئي واقعن ۾ ڪنهن فوجي آفيسر جي ملوث هئڻ تي ٽرائل ٿيو آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون