- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته کيس نٿو لڳي ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان بيڪ ڊور ڳالهيون ڪندي، نو مئي جي جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين ڳالهيون ممڪن نه آهن.
پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن ۾پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۾ فوجي هنڌن تي حملو ڪندڙن خلاف ملٽري ڪورٽن ۾ ٻڌڻي جو فيصلو قانون موجب هوندو، کين پنهنجي عدالتي نظام ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا.
هن چيو ته 9 مئي ڪيس جو فيصلو ٿيڻ ڏنو وڃي، سوشل ميڊيا تي آزادي جي حوالي سان برطانوي اختيارين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پهريان اهي کين آزادي بابت طعنا ڏيندا هئا.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت ۾ اچڻ سبب کين سياسي طور وڏو نقصان ٿيو آهي، هاڻي مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ گهرجي.- Advertisement -
