تازه ترين

نيب ترميمن تي فيصلو نه ڏئي سگهيو ته اهو سندس لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هوندو: چيف جسٽس عمر عطابنديال

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطابنديال چيو آهي ته نيب ترميمن تي فيصلو نه ڏئي سگهيو ته اهو سندس لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هوندو، هو نه ٿو سمجهي ته 2023ع جي قانون سازيءَ بعد نيب ترميمن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو.

نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي 47هين ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس درخواست ڏيندڙ جي وڪيل مخدوم علي خان کان پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته ڇا هيءَ بئنچ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت نيب ترميمن جي ٻڌڻي جاري رکي سگهي ٿي؟ ان نقطي تي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچجو.

وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جسٽس منصور علي شاهه جي ان نقطي سان هو متفق آهي، ان نڪتي تي عدالت جي مدد تياريءَ کانپوءِ ئي ڪري سگهبي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا هي ڪو ايڏو منفرد ۽ خاص ڪيس آهي جو قانون کي نظراندز ڪري ان کي ٻڌو وڃي؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن واضح طور سمجهو ٿا ته 184 ٿري تحت اهو ڪيس ٻڌڻي جوڳو آهي ته ٻڌڻي هلندي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته  ٻڌايو ته ڪيئن هيءَ بئنچ ڪيس ٻڌي سگهي ٿي.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جيڪڏهن عدالت نيب ترميمون ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي ته هي بئنچ ٿي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ قانوني طور هيءَ بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪندي.

چيف جسٽس چيو ته اختلاف راءِ باوجود عدالتي فيصلو اڪثريتي ججن جو هوندو آهي، هيل تئاين 27 ٻڌڻين تي درخواست ڏيندڙ ۽ 19 ٻڌڻين تي مخدوم علي خان دليل ڏنا، هي ايڏو ڊگهو ڪيس نه هو.

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪيس جون 47 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن، پهرين ٻڌڻي تي به بنيادي حقن بابت سوال ڪيو ووي هو.

چيف جسٽس چيو ته نيب ترميمن تي فيصلو نه ڏئي سگهيو ته اهو سندس لاءِ شرمندگيءَ جو سبب هوندو، هو نه ٿو سمجهي ته 2023ع جي قانون سازيءَ بعد نيب ترميمن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو.

سپريم ڪورٽ نيب ترميمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي چيو ته 28 آگسٽ کان روزانو جي بنياد تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ويندي.

چيف جسٽس چيو ته ضروري ناهي ته نيب ترميمن جي ميرٽ تي ئي فيصلو ڪريون، ممڪن آهي ته ڪيس جي ٻڌڻيءَ جوڳو هجڻ تي فيصلو اچي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون