تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نيب جي نئين قانون تحت رليف جي پهرين درخواست نو مئي جي ڏوهاري ڏني آهي:مريم اورنگزيب

- Advertisement -
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيب جي نئين قانون تحت رليف جي پهرين درخواست نو مئي جي ڏوهاري ڏني آهي،  رياست خلاف رٿا بندي ڪري حملا ڪندڙ ڏوهاري لاءِ ڪابه معافي ناهي، اين آر او جي خيرات گهرندڙ جلسا ڪري، روئي يا رڙيون ڪري پر سزا ته ملندي. جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نيب جي نئين قانون تحت رليف جي پهرين درخواست نو مئي جي ڏوهاري ڏني آهي، جيڪو دعويٰ ڪري رهيو هو ته هي قانون چورن کي بچائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته رياست خلاف رٿا بندي ڪري حملا ڪندڙ ڏوهاري لاءِ ڪابه معافي ناهي، اين آر او جي خيرات گهرندڙ جلسا ڪري، روئي يا رڙيون ڪري پر سزا ته ملندي. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريندي چيو ته جنهن نيب قانون کي چورن جو قانون قرار ڏنو، هن پاڻ ئي سڀ کان پهريان رليف جي درخواست ڇو ڏني؟. هن چيو ته هي شخص جيڪو گهڙي ۽ توشاخانه جو چور آهي ۽ 190 ملين پائونڊ جو ڏوهاري آهي، ٻين تي گند اڇلائڻ جي آڙ ۾ اين آر او وٺي ڀڄڻ چاهي ٿو، هي شخص روزانو اين آر او جي خيرات گهري رهيو آهي پر پنهنجي ڏوهه جو حساب نٿو ڏئي. پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته جن کي چور چوندو هو، اهي هن شخص جي هوندي ظلم جو نشانو بڻيا ۽ پنهنجي هر الزام جو جواب ڏنو، قيد ڪاٽيو ۽ عدالتن مان سوڀارا ٿيا، پر اين آر او جي خيرات نه گهري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
10 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون