ڀارت جي انتهاپسند مودي حڪومت جي دور ۾ هيٺين ذات جي هندن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، سندن خلاف نفرت انگيز ڏوهن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.
نيشنل ڪرائم رڪارڊ بيورو جي سالياني رپورٽ مودي سرڪار جي جمهوريت جي دعويٰ جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب 2021ع ۾ دلت هندن خلاف 60 هزار کان وڌيڪ ڏوهن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
گذريل 5 سالن ۾ هيٺئين ذات جي هندن خلاف اڍائي لک کان وڌيڪ نفرت جا واقعا سامهون آيا آهن.
رپورٽ موجب، بي جي پي جي حڪمراني واري رياست اتر پرديش 13 هزار ڏوهن سان لسٽ ۾ سڀ کان مٿانهي آهي، جتي هر ڏهن منٽن ۾ دلتن خلاف تشدد جو واقعو ٿيندو آهي، اٽڪل 90 سيڪڙو غريب ۽ 95 سيڪڙو اڻ پڙهيل هندو هيٺين ذات سان تعلق رکندڙ آهن.
رپورٽ موجب ڀارتي عدالتن ۾ هيٺين ذات جي هندن خلاف ڏوهن جا 71 هزار کان وڌيڪ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن .
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيٺين ذات جي هندن جي خلاف ڏوهن جي سزا جي شرح 15 سيڪڙو کان گهٽ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مودي حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دلت هندن خلاف ڏوهن ۾ 66 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اٽڪل 45 سيڪڙو هندو ٻين مذهبن يا هيٺين ذات وارن هندن کي پاڙيسري طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.
تامل ناڊو رياست ۾ 2018 ۾، ٻن دلت هندن کي وڏي ذات جي هندن جي سامهون ٽنگ ، ٽنگ مٿان رکي ويهڻ جي ڪري قتل ڪيو ويو هو.
مارچ 2000ع ۾ ڪرناٽڪ ۾ انتها پسندن، هڪ دلت خاندان جي 7 ڄڻن کي زنده ساڙي ڇڏيو هو.