تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نينگري فاطما ڦرڙو جو ڪيس هاءِ پرو فائل ڪيس آهي فاطما سميت صوبي ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين تي انتھائي افسوس: عمر سومرو

- Advertisement -
نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو آھي تھ نينگري فاطما ڦرڙو جو ڪيس هاءِ پرو فائل ڪيس آهي فاطما سميت صوبي ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين تي انتھائي افسوس آهي، فاطما ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي جڏهن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ٿو وڃي ته سندن مريد وڏي انگ ۾ ڪورٽ ۾ داخل ٿين ٿا جنهن سبب ڪورٽن تي وڏو دٻاءُ آهي، تمام وڏي نااهلي اها آهي جو پوليس هن وقت تائين جوابدار جي موبائل جو پن ڪوڊ حاصل ڪري ناھي سگھي. خيرپور ڊسٽرڪٽ بار جي دوري بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي عمر سومري چيو تھ خيرپور ڊسٽرڪٽ بار لاءِ 5 ملين جو اعلان ڪيو آهي جيڪا رقم جلد ادا ڪئي ويندي. سندس چوڻ ھو تھ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ خيرپور جي وڪيلن جي هيلٿ ڪارڊن لاءِ 12 ڪروڙن جي رقم مخصوص ڪرائي هئي جيڪا هڪ ڪمپني جي ڪارڪردگي بھتر نه هجڻ ڪري مڪمل نه ٿي سگهي آهي جلد ڪنهن ٻي ڪمپني کي ڪانٽريڪٽ ڏئي وڪيلن جي هيلٿ ڪارڊن کي يقيني بڻايو ويندو. نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو تھ ڪچي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي جلد ئي صحافي جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھن چيو تھ صحافي جان محمد مھر قتل ڪيس ۾ ڪجھھ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي وڌيڪ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جاري آهي. نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو تھ هيومن رائيٽس جي سموري بجيٽ ٻن اين جي اوز حوالي ڪئي پئي وڃي جن جي ڪم مان ھو مطمئن ناهي جلد بجيٽ جي صحيح استعمال لاءِ حڪمت عملي جوڙيي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو ته رڳو جيلن جي اسپتالن جي نه پر سڄي سنڌ ۾ اسپتالن جي حالت انتھائي خراب آهي. سندس چوڻ ھو تھ سنڌ جي اسپتالن ۾ سياستدانن جا ٻار داخل ٿي علاج ڪرائن ته کين خبر پئي ته سنڌ جي اسپتالن جي حالت ڪھڙي آهي. نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو تھ ھو نگران حڪومت جو حصو آهن وڌ کان وڌ ڪوشش ڪندا ته شين کي بھتر ڪن، عوام کي گهرجي ته سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ قانون سميت ٻين سھولتن کي نظر ۾ رکندي ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري بھتر نمائندن جي چونڊ ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون