- Advertisement -
نين اميدن، نـَوَن خوابن، نـَوَن واعدن ۽ نئين عزم سان گڏ پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿي ويو.
رات جا ٻارنهن ٿيندي ئي سڄي ملڪ ۾ ڪٿي سادگي سان ته ڪٿي هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪري نئين سال جي آجيان ڪئي وئي.
پاڪستان ۾ حڪومت طرفان فلسطيني عوام سان اظهار يڪجهتي لاءِ نئين سال جون سموريون تقريبون ملتوي ڪيون ويون، نگران وزيراعظم نئين سال جي تقريبن تي پابندي جو اعلان ڪيو هو.
ٻئي پاسي رات جا ٻارنهن ٿيندي ئي سڄي ملڪ ۾ آتشبازي ۽ جشن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪراچي ۾ هوائي فائرنگ ۽ ڦٽاڪن سان نئين سال کي ڀليڪار ڪيو ويو.
سنڌ جي راڄڌاني ۾ شهرين جو وڏو انگ نئين سالن جو جشن ملهائڻ لاءِ سي ويو پهتو، ان کان علاوه لاهور سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به نئين سال جو استقبال شاندار آتشبازي سان ڪيو ويو…….- Advertisement -
