ايندڙ سال فيبروري ۾ پاڪستان ۾ ٽي ملڪي سيريز ٿيندي، ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون شريڪ ٿينديون.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين لاسن نيڊوو ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين راجر ٽوس سان ملاقات ڪئي .
ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٽي ملڪي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ کي حتمي قطعي شڪل ڏني ڏئي، مهمان ٽيمون جنوري جي آخر ۾ پاڪستان اينديون.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن بعد ٽي ملڪي سيريز ٿيندي، ايوينٽ لاءِ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهي.
هن چيو ته پي سي بي جون ڪوششون آحن ته چيمپئنز ٽرافي به آءِ سي سي ايجنڊا ۾ شامل آهي .
واضح رهي ته چيمپئنز ٽرافي فيبروري 2025 ۾ پاڪستان ۾ ٿيندي .