- Advertisement -
پاڪستان جي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف چين جي پيپلز لبريشن آرمي نيوي جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه، چيني سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ايڊمرل هو زونگ منگ سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار ۽ علاقائي ميري ٽائيم سيڪيورٽي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب، نيول چيف ميري ٽائيم سيڪيورٽي گشت ذريعي علاقائي ميري ٽائم امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان نيوي جي ڪردار کي اجاگر ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪمانڊر پيپلز لبريشن آرمي نيوي جي ڪمانڊر خطي ۾ گڏيل ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۾ پاڪستان نيوي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار جي اهميت تي زور ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب، سامونڊي فوج جي سربراهه جي دوري سان ٻنهي ملڪن ۽ هٿياربند فوجن ۾ خاص طور تي دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ طاقت ملندي.- Advertisement -
