نيويارڪ جي ٻن گورنرن جي اڳوڻي خاص مددگار لنڊاسن، چين جي ايجنٽ نڪري پئي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب لنڊاسن لکي ڊالرن جي لاءِ ڳجهي طور تي چيني حڪومت لاءِ ڪم ڪيو.
آمريڪا ميڊيا جو چوڻ آهي ته لنڊاسن تي فارن ايجنٽ رجسٽريشن ايڪٽ جي ڀڃڪڙي سميت ويزا فراڊ، اسملنگ ۽ مني لاڊرنگ جا الزام به لڳايا ويا آهن.
اهڙن الزامن کي نظر ۾ رکندي آمريڪي اهلڪارن لنڊاسن ۽ سندس مڙس کي آئيلينڊ واري گهر مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف لنڊاسن ۽ سندس مڙس عدالت ۾ مٿس لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي….