- Advertisement -
نيو سعيد آباد ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ چوڪيدار قتل ٿي ويو آهي.
مھراڻ ھاءِ وي تي شاھ پنجو چوڪ تي قائم پيٽرول پمپ تي چوڪيداري قتل ڪندڙ عبدالرحمان ڪاڪا ننڊ ستل هو ته اڻسڃاتل ھٿياربند کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
واقعي بعد اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته اڏاوت هيٺ پيٽرول پمپ تي چوڪيداري ڪندڙ مولوي عبدالرحمان ڪاڪا کي اڻسڃاتل ھٿياربندن قتل ڪيو آهي، واقعي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
