تازه ترين

نيپا چورنگي وٽ کليل گٽر ۾ ٻار جي ڪـِرڻ وارو معاملو

- Advertisement -
ڪراچي جي ضلعي اوڀر جي ايس ايس پي فرخ رضا ۽ ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر کي عهدن تان هٽايو ويو ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب، ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر کي فوري طور تي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي جڏهن ته ڊي سي اوڀر جي چارج ڊپٽي ڪمشنرملير حوالي ڪئي وئي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ به پوليس آفيسن جي حوالي سان فيصلا ڪندي ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ رضا کي عهدي تان هٽائي سينٽرل پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي نيو ٽائون محمد معين ۽ ڪانسٽيبل سيد عامر حسين کي به معطل ڪيو ويو ٻنهي کي به سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ان کان اڳ گلشن اقبال ۾ ٻار جي گٽر ۾ ڪِري فوت ٿيڻ جي معاملي ۾ ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ واٽر ورڊ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي معطل ڪيوويو، معطلي جا نوٽيفڪيشن مڪاني ادارن واري کاتي جاري ڪيا آهن. معطل ٿيلن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال عامر شاهه، مختيارڪار سلمان فارسي، ڪي ايم سي جو سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز عمران راجپوت، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جو اسسٽنٽ انجنيئر راشد فياض ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقار احمد شامل آهن. واضع رهي ته آفيسرن جي معطلي وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪئي وئي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27 ° C
27 °
27 °
35 %
1.5kmh
4 %
آچر
30 °
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون