نيپرا فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 71 پيسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا فيول ايڊجسٽمنيٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيڻش جاري ڪيو.
نوٽيفڪيشن موجب اضافو آگسٽ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنيٽ جي مد ۾ ڪيو ويو.
بجلي جي اگهه ۾ اضافو، آڪٽوبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهيپدارن تي نه ٿيندو.
آگسٽ جي فيول ايڊجسٽمنٽ جو صارفين تي 31 ارب رپيا اضافي بار پوندو .