نگران حڪومت آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي شرط پوري ڪندي پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي جي شرح وڌائي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في لٽر پيٽرول تي ليوي جي فل شرح لاڳو ڪئي وئي جنهن بعد في لٽر پيٽرول تي 60 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وئي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڊيزل تي به 50 رپيا ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻنهي شين تي ليوي وڌائي 60 رپيا في لٽر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ ليوي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي، 60 رپين کان وڌيڪ ليوي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ مان منظوري لازمي آهي.
هن سال عوام کان پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 869 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا.
واضع رهي ته نگران وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌي واڌ ڪئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.