نگران حڪومت بجلي بلن جي ستايل عوام تي پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي في لٽر قيمت 14 رپيا 91 پيسا في لٽر جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 18 رپيا 44 پيسا في لٽر اضافو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي نئين قيمت 305 رپيا 36 پيسا في لٽر ٿي وئي جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 311 رپيا 84 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو في لٽر پيٽرول ۽ڊيزل جي قيمت ٽرپل سينچري کان مٿي هلي وئي آهي.
پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات ٻارهين وڳي کان لاڳو ٿي ويون آهن جيڪي 15 سپيٽمبر تائين رهنديون.