تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، نوجوانن جي فني تربيت  ضروري آهي، عوامي مسئلن جو حل خدمت ۽ عبادت آهي، واپاري برادري ملڪ ۾ فني تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته واپارين جا مسئلا حل ٿين.

ڪراچيءَ ۾ ناليواري واپاري شخصيتن کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جلد ملڪ ترقي جي رستي تي اچي ويندو، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت عالمي معاهدن جي پاسداري ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، نوجوانن جي فني تربيت  ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عوامي مسئلن جو حل خدمت ۽ عبادت آهي، واپاري برادري ملڪ ۾ فني تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري واپارين جا مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.

هن چيو ته نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي پهرين ترجيح آهي، صنعتن کي سستي توانائي جي فراهمي انتهائي ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، 25 ڪروڙ عوام جي بهتري لاءِ هر طبقي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، انساني وسيلن سان ايندڙ ناڻي جا ذخيرا ملڪي ترقي ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته ڪاروباري برادري ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري،  واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هو هر وقت حاضر آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون