تازه ترين

نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: انوار الحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، نوجوانن جي فني تربيت  ضروري آهي، عوامي مسئلن جو حل خدمت ۽ عبادت آهي، واپاري برادري ملڪ ۾ فني تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري، هر ممڪن ڪوشش ڪندا ته واپارين جا مسئلا حل ٿين.

ڪراچيءَ ۾ ناليواري واپاري شخصيتن کي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته هو بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جلد ملڪ ترقي جي رستي تي اچي ويندو، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري برادري جي سهڪار جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت عالمي معاهدن جي پاسداري ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، نوجوانن جي فني تربيت  ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عوامي مسئلن جو حل خدمت ۽ عبادت آهي، واپاري برادري ملڪ ۾ فني تربيت کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري واپارين جا مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا.

هن چيو ته نگران حڪومت شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي پهرين ترجيح آهي، صنعتن کي سستي توانائي جي فراهمي انتهائي ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي اجتماعي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، 25 ڪروڙ عوام جي بهتري لاءِ هر طبقي کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، انساني وسيلن سان ايندڙ ناڻي جا ذخيرا ملڪي ترقي ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.

انوار الحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته ڪاروباري برادري ملڪي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري،  واپارين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هو هر وقت حاضر آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
few clouds
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
15 %
6kmh
17 %
ڇنڇر
33 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
36 °

تازه ترين خبرون