نگران حڪومت طرفان بجلي جي بلن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر ۾ 300 يونٽ تائين جي واهپيدارن جي بلن ۾ 3 هزار رپين تائين گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، 60 کان 70 هزار تائين بجلي جي بلن ۾ 13 هزار تائين گهٽتائي ٿيندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي بابت رليف ڏيڻ جو معاملو آءِ ايم ايف جي رضامندي سان مشروط آهي.
اعليٰ سرڪاري ذريعن موجب، آءِ ايم ايف بجلي جي بلن کي رد ڪرڻ بابت پاڪستان جي درخواست تي اڃا تائين مڪمل طور منظوري ناهي ڏني.