نگران صوبائي وزير عمر سومرو سول اسپتال شڪارپور جو اوچتو دورو ڪري ڊاڪٽرن جي غير موجودگي، آپريشن ٿيٽر، ٻارن ۽ گائني وارڊ جي خراب حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
سنڌ جي قانون ۽ انصاف واري نگران وزير شڪارپور اسپتال جو دورو مريضن کان سندن مسئلن بابت معلوم ڪيو.
مريضن ۽ وارثن پاران علاج ۽ دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون ويون.
ان موقعي نگران وزير عمر سومري جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ سهولتن جي کوٽ بابت صحت واري وزير کي شڪايت ڪندس.
هن فون تي ايم ايس کي هدايت ڪئي ته اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريضن کي مفت دائون ڏنيون وڃن ۽ سمورن وارڊن کي فعال ڪيو وڃي