نگران وزيراعظم، ڪابينا لاءِ صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن، جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي، سيد محمد علي کي سڌ سماءَ ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب نگران ڪابينا لاءِ تقريبن نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي رڳو قطعي صلاح ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي، سيد محمد علي کي سڌ سماءَ ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. نگران ڪابينا کي اڄ ئي قطعي شڪل ڏني ويندي ۽ سڀاڻي ڪابينا جي قسم کڻڻ جو امڪان آهي.