نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر کي ڪي سي آر سميت سنڌ جي مختلف منصوبن تي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ملاقات ڪئي، جنهن دوران سنڌ جي مختلف منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته سرڪلر ريلوي لاءِ ساروين گارنٽي جاري ڪئي وڃي، ان بعد چيني اختياريون ڪي سي آر پراجيڪٽ اڳتي وڌائينديون.
نگران وزيراعظم ڪي سي آر پراجيڪٽ جي ساروين گارنٽي ۽ ٻين مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ملير ايڪسپريس وي جي مسئلن بابت به آگاهه ڪندي ٻڌاوي ته وفاقي سرڪار جا لاڳاپيل ادارا اين او سي جاري ڪن ته پراجيڪٽ وقت تي مڪمل ٿي ويندو.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ملير ايڪسپريس وي لاءِ لاڳاپيل وزارتن کي اين او سي لاءِ هدايتون جاري ڪندو.
ملاقات دوران ڪي فور جي فنڊن واري مسئلي تي به ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته بي آر ٽي ريڊ لائن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني وئي.
نگران وزيراعظم چيو ته هو لاڳاپيل وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي آفيسرن کي ويهاري مسئلا حل ڪرائيندو