نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي پهرين دوري تي آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.
نگران وزيراعظم جو دورو هڪ هفتي تي ٻڌل آهي جڏهن ته انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو.
نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني به نگران وزيراعظم سان گڏ آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.
نگران وزيراعظم سان آءِ ايم ايف جي سربراهه جي ملاقات به شيڊول آهي