پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته نگران وزيراعظم بلوچستان مان ٿيو آھي، ننڍي صوبي مان وزيراعظم ٿيڻ اعزاز آھي، هو چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندا، پ پ سنڌ ۾ 21 لک گھر ٺھرائي ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪيو آھي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته جيڪو شخص چوندو ھو ته هو نه رھي ته ملڪ مٿان ايٽم بم ڪيرايو وڃي، ان شخص جو نالو پي ٽي آءِ سربراھ آھي.
هن چيو ته پ پ حڪومت صوبن کي خودمختيار ڪيو، حڪومت جا 5 سال پورا ٿيڻ تي خوشي ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته موجوده آدمشماري تي گڏيل اعتماد ٿيو آھي ۽ اليڪشن ڪميشن تڪ بنديون ڪري چونڊون جي تاريخ ڏئي.
نثار کهڙي چيو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آھي ته قانون پنھنجي رٽ قائم رکي، جيل ۾ ويٺل شخص مڇرن کان ڊڄي چوي ٿو وارڊ تبديل ڪيو پر سندن ڪارڪن خوشي مان ڦاسي چڙھندا ھئا.
هن چيو ته عدالتون پي ٽي آءِ سربراھ کي قانون موجب سزا ڏينديون ٻين کي پريشان ڪرڻ وارو پاڻ پريشان آھي.
سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ 21 لک گھر ٺھرائي ڏيڻ سان گڏ انھن کي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي.
نثار کهڙي چيو ته پ پ حڪومت کانپوءِ به پنھنجي جدوجھد جاري رکندا آھي، شھيد ڀٽي 30 ماڻھن کان سياست جي شروعات ڪئي اڄ لکين ماڻھو پارٽي ۾ ڪم ڪن ٿا…