نگران وزيراعظم جي مقرري وارو معاملو قطعي مرحلي ۾ داخل، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ ملاقات ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق لاءِ اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي.
ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ٿيندي.
گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض هڪٻئي آڏو ٽي ٽي نالا رکيا ۽ صلاح مشورا ڪيا هئا.
پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني جا نالا تجويز ڪيا آهن جڏهن ته ٻين نالن ۾ صادق سنجراڻي، حفيظ شيخ، ميان محمد سومرو ۽ فواد حسن فواد شامل آهن.
ذريعن موجب، نگران وزيراعظم جي مضبوط اميدوارن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني به شامل آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار به اڃا تائين نگران وزيراعظم جي ڊوڙ ۾ شامل آهي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وزيراعظم کي 2 نوان نالا به تجويز ڪيا آهن.
ٻنهي وچ ۾ اتفاق راءِ جي صورت ۾ نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.
سڀاڻي تائين اتفاق راءِ نه ٿيو ته ڇهن نالن مان چار نالا پارلياماني ڪميٽي ڏانهن اماڻيا ويندا.
واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف نگران وزيراعظم جي معاملي تي صلاح مشوري لاءِ لنڊن ۾ ن ليگ قائد نواز شريف سان به رابطو ڪيو آهي.
شهباز شريف، نواز شريف کي ٽيلفونڪ رابطي ۾ قائد ن ليگ کي نگران وزيراعظم جي معاملي تي مخالف ڌر اڳواڻ سان ٿيل صلاح مشوري تي بريفنگ ڏني.