تازه ترين

نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا، پ پ پاران نالا ڏنا ويا

قومي اسيمبلي اڄ ٽوڙڻ لاءِ سمري اڄ صدر ڏانهن موڪلي ويندي، نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۾ صلاح مشورا سڀاڻي ٿيندا، پيپلزپارٽيءَ جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جا نالا ڏنا آهن.

نگران وزيراعظم مقرر ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ رٿيل ملاقات ملتوي ٿي وئي جيڪا هاڻي سڀاڻي ٿيندي.

نگران وزيراعظم لاءِ حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي ۽  جسٽس رمدي جا نالا سامهون آيا هئا، پر هاڻي پيپلزپارٽيءَ به جسٽس رٽائرڊ تصدق جيلاني ۽ اڳوڻي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جا نالا ڏنا آهن.

ذريعن موجب نگران وزيراعظم لاءِ جليل عباس جيلاني مضبوط اميدوار آهي.

نگران وزيراعظم لاءِ وزيراعظم شهبازشريف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ سڀاڻي قطعي صلاح مشورا ٿيندا، جنهن ۾ هڪ نالو فائنل ڪيو ويو. وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ اتفاق نه ٿيڻ تي معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن هليو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون