تازه ترين

نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي  جي خانگائڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي.

اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته صارفين کي عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فواد حسن فواد کي پنهنجي ٽيم ۾ شموليت تي ڀليڪار چئي ۽ نجڪاري واري وزارت جي نگراني هيٺ پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي جلد کان جلد تڪميل تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
34 %
3.7kmh
0 %
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون