تازه ترين

نگران وزيراعظم واري معاملي تي صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي؟: وزيراعظم شهبازشريف

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته نگران وزيراعظم واري معاملي تي صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي؟ نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تائين هو وزيراعظم آهي، ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.

صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته نگران وزيراعظم جو فيصلو رات يا سڀاڻي تائين ٿي ويندو.

هن چيو ته صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي جو نگران وزيراعظم واري معاملي تي هن خط لکيو آهي.

وزيراعظم چيو ته خط لکڻ کان اڳ وزيراعظم کي آئين پڙهڻ گهرجي،  وزيراعظم طور سندس 8 ڏينهن آهن، صدر آئين پڙهي.

شهبازشريف چيوته نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تائين هو وزيراعظم آهي، ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.

وزيراعظم چيو ته پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏسندي، سمورا  اتحادين کي گهرايو آهي، جن سان نگران سيٽ اپ تي صلاح مشورا ڪيا ويندا

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
25 %
1.6kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
37 °
خميس
37 °

تازه ترين خبرون