تازه ترين

نگران وزيراعظم واري معاملي تي صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي؟: وزيراعظم شهبازشريف

وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته نگران وزيراعظم واري معاملي تي صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي؟ نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تائين هو وزيراعظم آهي، ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.

صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته نگران وزيراعظم جو فيصلو رات يا سڀاڻي تائين ٿي ويندو.

هن چيو ته صدر کي ڇا جي تڪڙ آهي جو نگران وزيراعظم واري معاملي تي هن خط لکيو آهي.

وزيراعظم چيو ته خط لکڻ کان اڳ وزيراعظم کي آئين پڙهڻ گهرجي،  وزيراعظم طور سندس 8 ڏينهن آهن، صدر آئين پڙهي.

شهبازشريف چيوته نگران وزيراعظم جي مقرريءَ تائين هو وزيراعظم آهي، ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ٿيو ته پارلياماني ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي. وزيراعظم چيو ته پارلياماني ڪميٽي فيصلو نه ڪري سگهي ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏسندي، سمورا  اتحادين کي گهرايو آهي، جن سان نگران سيٽ اپ تي صلاح مشورا ڪيا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون