تازه ترين

نگران وزيراعظم پاران فوج، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي ڀيٽا پيش

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ مان اٺن ڄڻن کي ريسڪيو ڪرڻ تي پاڪ فوج، ضلعي انتظاميا ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بٽگرام ۾ چيئر لفٽ ۾ ڦاٿل سمورن ٻارن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڏکئي آپريشن کي انتهائي پيشوراڻي انداز سان مڪمل ڪيو، آپريشن ۾ شريڪ اهلڪارن، آفيسرن ۽ رضاڪارن ڪيترين ئي امڙين جون جهوليون اجڙڻ کان بچائي ورتيون.

انوار الحق چيو ته پاڪ فوج، ريسڪيو عملدارن، ضلعي انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن بهترين ٽيم ورڪ ڪيو، ريسڪيو آپريشن ۾ شريڪ سمورا فرد قوم جا هيرو آهن

واضع رهي ته گذريل ڏينهن خيبرپختونخواهه جي علائقي بٽگرام ۾ پشتو جي جاءِ تي چيئر لفٽ ۾ ڦاسي پيا هئا، 15 ڪلاڪن جي آپريشن کانپوءِ سمورن ماڻهن کي حفاظت ريسڪيو ڪيو ويو هو….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون