تازه ترين

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  پاران ٺٽي ويجهو روڊ حادثي جو نوٽيس

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ٽن مختلف واقعن جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل انتظاميا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر  جهرڪ ڀرسان روڊ حادثي جو نوٽيس ورتو.

نگران وڏي وزير حادثي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا کي زخمين کي فوري اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير اوٻاوڙي ويجهو  جرڳي ۾ نينگري جو سڱ چٽي طور ڏيڻ جو نوٽيس ورتو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جا تفصيل طلب ڪري ورتا.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سنڌ جي نگران وڏي وزير تنگواڻي ۾ مسافر ڪوچ مٿان فائرنگ جو به نوٽيس ورتو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

نگران وڏي وزير، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي پنهنجي رينج ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي……….

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
10 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
32.2 ° C
32.2 °
32.2 °
7 %
1.1kmh
0 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون