تازه ترين

 نگران وڏي وزير قائدآباد سب رجسٽرار آفيس جي دوري دوران غير حاضر هجڻ تي مختيار کي وارننگ ۽ ٻن تپيدارن کي معطل ڪري ڇڏيو

نگران وڏي وزير قائدآباد سب رجسٽرار آفيس جي دوري دوران غير حاضر هجڻ تي مختيار کي وارننگ ۽ ٻن تپيدارن کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڏي وزير اين اي عباسي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول ۾ صفائي نه هئڻ ۽ ليبارٽري غير فعال هئڻ تي چيف مانيٽرنگ آفيسر ۽ هيڊ ماستر کي معطل ڪري ڇڏيو.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران قائدآباد سب رجسٽرار آفيس جو سرپرائز  دورو ڪيو ويو.

نگران وڏي وزير جي ترجمان موجب جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي دوري دوران  مختيارڪار ابراهيم حيدري انصاف پٺاڻ آفيس ۾ موجود نه هو.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ  مقبول باقر آفيس ۾ غير حاضر مختيارڪار کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي.

ترجمان موجب نگران وڏي وزير جي دوري دوران  مختيارڪار آفيس ۾ اڪثر عملو به موجود نه هو.

جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر آفيس ٽائيم تي ڪال ڪري عملدارن جي لوڪيشن معلوم ڪئي.

نگران وڏي وزير تپيدار ارشد ۽ اقبال کي غيرحاضر هجڻ تي معطل ڪري ڇڏيو.

ترجمان موجب نگران وڏي وزير مقبول باقر طرفان اين اي عباسي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جو دورو ڪيو ويو، اسڪول ۾ صفائي نه هئڻ تي وڏي وزير طرفان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويو.

نگران وڏي وزير مقبول باقر جو چوڻ هو ته اسڪول جي ڪيمسٽري واري ليبارٽري فعال نه آهي، مان چاهيان ٿو ته اوهان سمورن ايجوڪيشن آفيسرن کي معطل ڪريان.

نگران وڏي وزير چيف مانيٽرنگ آفيسر حنان ۽ هيڊ ماستر مظهر علي کي معطل ڪري ڇڏيو…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
8.1 ° C
8.1 °
8.1 °
26 %
1.2kmh
84 %
ڇنڇر
9 °
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
15 °

تازه ترين خبرون