سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، سرڪاري يونيورسٽين جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي يونيورسٽين کي پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته پينشن فنڊ نه هجڻ سبب ڪراچي يونيورسٽي جا رٽائرڊ ملازم پريشان آهن، تعليم وارو سيڪريٽري ستن ڏينهن اندر اسڪولن ۾ ڪتاب فراهم ڪري رپورٽ پيش ڪري.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير کي چيئرمين ايڇ ايِ سي طارق رفيع بريفڪنگ ڏني.
ان موقعي تي نگران وڏي وزير چيو ته يونيورسٽين ۾ تحقيق جو ڪم تسليءَ جوڳو ناهي، دنيا ڪٿي پهچي وئي، پر هو اڃا تائين يونيورسٽيون ٺيڪ ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي، ان جي معيار تي سوال اٿن ٿا، پي ايڇ ڊي پروگرام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻڌو آهي ته نون يونيورسٽين جي سينٽ جو اجلاس ناهي ٿيندو.
نگران وڏي وزير سرڪاري يونيورسٽين جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي يونيورسٽين کي پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
سندس چوڻ هو ته پينشن فنڊ نه هجڻ سبب ڪراچي يونيورستي جا رٽائرڊ ملازم پريشان هن.
نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن جو اجلاس پڻ ٿيو، جنهن ۾ تعليم واري وزير رعنا حسين ۽ سيڪريٽري شيرين ناريجو اسڪول ايجوڪيشن بابت بريفنگ ڏني.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته استادن جي رڳو حاضري ڪافي ناهي، شاگردن جي تربيت ۽ کين پڙهائڻ به ضروري آهي، کين استادن جي چونڊ وڌيڪ بهتر ڪرڻي پوندي.
نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 25 هزار استادن جي آءِ بي ايَ ذريعي چونڊ ڪئي وئي آهي پر عام چونڊن سبب سندن مقرري روڪي وئي آهي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن سان ڳالهايو ويندو.
نگران وڏي وزير اليڪشن ڪميشن سان ڳالهائڻ جي ذميواري چيف سيڪريٽري کي ڏني.
سندس چوڻ هو ته کين تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
نگران وڏي وزير سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن کي ستن ڏينهن اندر سمورن اسڪولن ۾ نصابي ڪتاب فراهم ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو….
