سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر چيپٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، صحافي جان محمد مهر ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت، نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ۽ غزا تي اسرائيل جي بمباري خلاف هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي گڏيل سهڪار سان ٻن ڏينهن واري پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر چيپٽر جو نگران وڏي وزير مقبول باقر افتتاح ڪري ڇڏيو.
فيسٽيول جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت بعد پاڪستان جو قومي ترانو وڄائي ڪئي وئي.
فيسٽيول ۾ سکر جي صحافي جان محمد مهر ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته آءِ بي اي جي باني نثار احمد صديقي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
فيسٽيول جي افتتاحي تقريب ۾ نينگري فاطما ڦرڙو جي قتل ۽ غزا تي اسرائيل جي بمباري خلاف هڪ منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي.
فيسٽيول ۾ سڄي ملڪ جا ناليوار اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ٻيا شريڪ آهن جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سکر جي شهرين جي وڏي انگ ۾ آمد جو سلسلو جاري آهي.
ناليوارو تعليمي ماهر جعفر احمد، ناليواري ليکڪ نور الهديٰ شاهه، ڊاڪٽر فاطمه حسن، منور سعيد، اداڪار مصطفيٰ قريشي، انعام نديم ۽ ٻيا به فيسٽيول ۾ پهتل آهن.
فيسٽيول ۾ مختلف ڪتابن جا اسٽال، ڪپڙن جا اسٽال ۽ مزيدار کاڌن سميت ٻين شين جا اسٽال شهرين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.