تازه ترين

نگران وڏي وزير پاران پوليس ٿاڻن جي انسپيڪشن سسٽم لاءِ آءِ جي سنڌ کي هدايت

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر آءِ جي سميت سمورن عملدارن کي ٿاڻن جي انسپيڪشن يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هر ڊي ايس پي کي 15 ڏينهن اندر پنهنجي ٿاڻن جو معائنو ڪرائڻو پوندو، غفلت ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ٿاڻن جي انسپيڪشن سسٽم لاءِ آءِ جي رفعت مختار کي هدايت ڪندي چيو ته هر ڊي ايس پي کي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي ٿاڻن جو معائنو ڪرڻو پوندو ۽ ايس پي هر مهيني ٿاڻن جي معائني کي يقيني بنائي.

سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي هر ٽن مهينن بعد ٿاڻن جي معائني کي يقيني بڻائن ۽ ڊي آءِ جي به هر ٽن مهينن کانپوءِ ٿاڻن جو معائنو ڪن.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ايڊيشنل آءِ جي هر ڇهن مهينن بعد ٿاڻن جو معائنو ڪن ۽ آءِ جي پوليس سال ۾ 2 ڀيرا ٿاڻن جو معائنو ڪن.

هن چيو ته لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر به ٿاڻن جو معائنو ڪن، معائني دوران رڪارڊ چيڪ ڪيو وڃي.

نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته غفلت جي نشاندهي تي لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، معائني جي رپورٽ وزيراعليٰ کي اماڻي وڃي ته جيئن مناسب ڪارروائي ڪري سگهجي………

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
scattered clouds
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
74 %
4.7kmh
47 %
آچر
25 °
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
22 °
خميس
24 °

تازه ترين خبرون