تازه ترين

ن ليگ، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، آءِ پي پي ۽ باپ وفاقي حڪومت گڏجي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مسلم ليگ ن، پ پ، ايم ڪيو ايم، ق ليگ، آءِ پي پي ۽ باپ وفاقي حڪومت گڏجي ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهريان ملڪي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، اختلاف ختم ڪري قومي کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. سياسي پارٽين جو اسلام آباد ۾ چوڌري شجاعت جي رهائشگاهه تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، شهباز شريف، خالد مقبول صديقي، فاروق ستار، ڪامران ٽسوري، صادق سنجراڻي، يوسف رضا گيلاني، عون چوڌري، عليم خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حڪومت ٺاهڻ جي حوالي سان خيالن تي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس بعد اتحادين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته  نواز شريف جي مشوري سان وزيراعليٰ جي اميدوار مريم نواز هوندي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ ن ليگ کي اڪثريت حاصل آهي، مرڪز ۾ وٽن اڪثريت آهي، اتحادين وزيراعظم لاءِ ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سندن اميدوار نواز شريف آهي، درخواست ڪئي ويندي ته هو وزيراعظم جو عهدو قبول ڪري. هن چيو ته صدر جو فيصلو اتحادين کي ڪرڻو آهي، مشوري سان فيصلو ڪندا. شهباز شريف چيو ته معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي، اختلاف ختم ڪري قومي کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف معاهدي پاڪستان کي معاشي استحڪام ڏنو، ملڪي قرضن ۽ مهانگائي کي گهٽ ڪرڻو آهي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ڇڏيو ۽ چيو ته طئي ڪيو آهي ته گڏجي حڪومت ٺاهيندا. هن چيو ته پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍندا، هو چاهين ٿا پي ٽي آءِ به مفاهمت ۾ شامل ٿئي. سندس چوڻ هو ته ملڪي مفاد ۽ معاشي ايجنڊه تي سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. آصف علي زرداري چيو ته اليڪشن ۾ مخالف ٿيندي آهي پر گڏجي اڳتي هلڻو آهي. ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته سڀ گڏجي جمهوريت کي مضبوط ڪندا، شهباز شريف جو اڳ به ساٿ ڏنو، هاڻي به ڏيندا، ڪڏهن به واعدن جي ڀڃڪڙي نه ڪئي آهي. عليم خان چيو ته اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي عوام جي مفاد ۾ هجن، ميان صاحب جي حڪومت لاءِ دعاڳو آهن. ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو ته پهرين ترجيح معاشي ايجنڊا هجڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
26 %
3.7kmh
1 %
سُومر
31 °
اڱارو
34 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون