تازه ترين

ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي پنجن ورهين واري نااهليءَ جو مدو ختم

ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جي پنجن ورهين واري نااهليءَ جو مدو ختم ٿي ويو آهي.

طلال چوڌري کي سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018ع تي توهين عدالت تي پنج سال نااهليءَ جي سزا ٻڌائي هئي.

تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار هڪ عوامي جلسي کي تقرير تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.

طلال چوڌريءَ 2018ع ۾ فيصل آباد ۾ رٿيل جسلي ۾ آمريت کي قانوني سهارو فراهم ڪندڙ ججن تي تنقيد ڪئي هئي.

سڌ سماءَ واري وفاقي مريم اورنگزيب ٽوئٽ ڪندي چيو ته طلال کي پنج سال نااهلي ختم ٿيڻ تي واڌايون، طلال چوڌريءَ نوازشريف ۽ پارٽيءَ سان نظرياتي وابستگي، وفا ۽ محبت تي پنج سال سزا ڀوڳي جيڪا اڄ ختم ٿي وئي.

هن چيو ته طلال چوڌري پنجن ورهين کان پوءِ اهل ٿي ويو آهي، پر ناحق سزا ڏيندڙ عوام ۽ تاريخ جي نظر ۾ سڄي عمر لاءِ نااهل ٿي چڪا آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
33 %
2.6kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
26 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
24 °

تازه ترين خبرون